لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل ميهڙ جي ڳوٺ کهڙي واسي پورهيت عباس کوسو جو 12 ورهين جو پٽ محمد حسن کوسو مليريا وگهي چانڊڪا اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.عباس کوسو ميڊيا کي ٻڌايو ته پٽ محمد حسن کي تيز بخار ٿيو، ميڊيڪل ڪيمپ ۾ ٽيسٽون ڪرايون ڊاڪٽرن مليريا جي تصديق ڪندي ڪجهه دوائون به ڏنيون هيون.هوڏانهن وارثن طرفان ضلعي انتظاميه جي عملدارن کي لاش ڳوٺ کڻائي وڃڻ لاءِ ايلاز منٿون ڪيون جن طرفان ايمبولينس نه ڏني وئي جنهن کان پوءِ هڪ شهري طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت وارثن کي ڪفن، ڪجهه پئسا ۽ ايمبولينس ڏني وئي جنهن تي وارث فوتي نينگر جو لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.