ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا)ڪوٽ غلام محمد ويجهو نوجوان بيماري کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ اوڏو مل اوطاق ۾ شادي شدهه ٽن ٻارن جي پيءُ 25 سالن جي مانسنگھه ڪولهي گهرن ڀرسان وڻ ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، نوجوان جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي وارثن ڪوٽ غلام محمد پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش تعلقي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جي ڀاءُ مير خان ڪولهي ٻڌايو ته مانسنگھه جو دماغي توازن درست نه هو، جنهن جو علاج پڻ ھلندڙهو، ڀاءُ بيماري کان تنگ اچي خودڪشي ڪئي آھي، نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.