لاڙڪاڻو: ماءُ ۽ ڀيڻ کي کنڀڻ خلاف عورت جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

0
184

لاڙڪاڻو: ماءُ ۽ ڀيڻ کي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ماءُ ۽ ڀيڻ کي پوليس بي گناهه گرفتاري ڪري وئي آهي، عورت جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي روئيندي رهي، محمد پور محلي واسڻ ارشاد خاتون ميمڻ بااثر چاچن ۽ پوليس جي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف خلاف پاڪ ڪتاب کڻي روئيندي احتجاج ڪيو

هن چيو ته پوليس چاچن عزيز عرفان ۽ پپن جي چوڻ تي گھر ۾ گھڙي امڙ رضيا ۽ ڀينرن رقيا ۽ بلقيس تي تشدد ڪري کين کنڀي وئي، دانھون ۽ ڪوڪون ڪندي رھيس پوليس امڙ ۽ ڀينرن کي نه ڇڏيو

هن چيو ته چاچا بااثر آهن، جڳهه تي قبضو ڪرائڻ لاءَ امان ۽ ڀينرن کي گرفتار ڪرائي گم ڪرائي ڇڏيو آهي، انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻو: قتل جو ڏوهه ثابت، جوابدار ناري کي عمر قيد جي سزا