لاڙڪاڻو: قتل جو ڏوهه ثابت، جوابدار ناري کي عمر قيد جي سزا

0
160

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار ناري تانيه کوکر کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي جڏهن ته ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي 2 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو

 لاڙڪاڻي جي  فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج مسٽر امير الدين جي عدالت ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت قتل ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار ناري تانيه کوکر کي عمر قيد جي سزا ٻڌائيندي مٿس 3 لک ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي آهي، جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو

ياد رهي ته ڏوڪري ٿاڻي جي حد کوکر محلي ۾ 2019 ۾ ناري چاهيندڙ سان گڏجي پنهنجي ئي ماٽيلي ڀاءُ سعيد احمد کوکر کي چاقو هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ اهڙي واقعي جو ڪيس مقتول جي پيءُ وحيد کوکر جي فرياد تي ناري تانيه کوکر ۽ باقر شاهه ۽ علي تقي شاھ مٿان داخل ڪرايو هو

تانيه کوکر ۽ باقر شاهه جيل ۾ هئا، جڏهن ته علي تقي شاھ ضمانت تي آزاد هو جن کي عدالت آزاد ڪري ڇڏيو

ھي به پڙھندا

قمبر ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري قتل