لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ سال 2018ع دوران رشوت وٺڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سرتاج بليدي کي وارهه ٿاڻي ۾ رعايت فراهم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت وارهه ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر منظور ڀٽي کي 5 سال قيد ۽ 50 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽيندو، جڏهن ته ساڳي ئي ڪيس ۾ نامزد وارهه ٿاڻي جي وڏي منشي ديدار احمد مٿان ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت کيس بري ڪري ڇڏيو آهي. واضع رهي ته سال 2018ع دوران اينٽي ڪرپشن جي ٽيم رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ سرتاج بليدي کي گرفتار ڪري وارهه پوليس حوالي ڪيو هو، جنهن کان پوءِ فريادي علي اڪبر وارهه ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر ۽ وڏي منشي ديدار مٿان اينٽي ڪرپشن ۾ جوابدار کي رعايت ڏيڻ خلاف اهڙي شڪايت ڪئي، جنهن تي اينٽي ڪرپشن جي ٽيم سب انسپيڪٽر ۽ وڏي منشي کي گرفتار ڪيو هو.