خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي سيشن جج جي عدالت، پيرسن مسمات مختيار خاتون لاشاري طرفان پنهنجي وڪيل معرفت ڌيءَ 15 سالا شمع عرف نازيه خاتون جي بازيابيءَ لاءِ داخل ڪرايل پٽيشن ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي الزام هيٺ آيل ڳوٺ وڏا سمنگ جي رهواسي علي بخش ولد حسين بخش شيخ خلاف نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.