جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت 40 ڪلو چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ ھڪ جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ذوالفقار علي شيخ جي عدالت 40 ڪلو چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ھڪ جوابدار محمد ڪريم کي عمر قيد ۽ ھڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مھينا قيد جي سزا ڀوڳيندو واضح رهي ته اٺ مھينا اڳ صدر پوليس ڳوٺ عبدالله لاشاري وٽ ٽريڪٽر کي روڪي 40 ڪلو چرس هٿ ڪري سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ھو.