لاڙڪاڻو (رپورٽ نادر ابڙو) 2 ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيدين ۽ جيل انتظاميا وچ ۾ ڦاهي جي قيدي موسيٰ لانگاهه کي سندس امڙ سان ملاقات نه ڪرائڻ ۽ قيدي مٿان مبينا تشدد ڪري کيس ماڙي ۾ ويهارڻ واري ڳالھه تان شروع ٿيل ڇڪتاڻ بعد قيدين پاران جيل جي 5 اهلڪارن کي يرغمال بڻائي پاڻ وٽ ترسائي ڇڏيو هو، اهڙي صورتحال بعد جيل سڄي رات کليل رهيو، جتي انتظاميا سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو، جڏهن ته قيدين طرفان يرغمال بڻايل شگر ۽ دل جي مرض ۾ مبتلا 2 اهلڪارن وزير گوپانگ ۽ محمد علي گولو کي مبينا طور قيدين پاران ماني نه ڏيڻ تان سندن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، جن کي قيدين ڇڏي ڏنو، بعد ۾ جيل انتظاميا کين جيل اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران کين طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته ڪالهه صبح جي وقت قيدين وٽ يرغمال بڻايل پوليس اهلڪار غلام جعفر راهوجو مٿان قيدين تي مبينا تشدد ۽ کاڌو نه ملڻ جي ڪري جيل اندر بيهوش ٿي پيو، جنهن کي جيل پوليس جي اهلڪارن بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي فوري طور چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي جيل پوليس جي هڪ اهلڪار نورالله کهاوڙ ٻڌايو ته گذريل ڏينهن قيدين پنهنجي ناجائز مطالبن جي مڃتا لاءِ اسان جي پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي سندن جو کاڌو پيتو بند ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن ڪري پوليس اهلڪار غلام جعفر راهوجو جي طبيعت خراب ٿي، جنهن ڪري کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايو، لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي انتظاميا ۽ قيدين وچ ۾ 2 ڏينهن کان هلندڙ ڇڪتاڻ بعد ڊي آءِ جي جيل سکر راجا ممتاز لاڙڪاڻو سينٽرل جيل پهتو، جتي هن جي ڊي اي ايم پي اي معظم علي عباسي جي پوليٽيڪل سيڪريٽري سيد ديدار شاهه جي موجودگيءَ ۾ قيدين خاڪن ڪلهوڙو، گلشير خروس ۽ ٻين سان ڳالهيون ڪيون جنهن بعد قيدين يرغمالي اهلڪارن کي ڇڏي ڏنو، جڏهن ته جيل انتظاميا طرفان قيدي رياض چانڊيو ۽ موسيٰ لانگاهه کي به ڇڏيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته قيدي موسا لانگاهه پاران جيل اندر وڃڻ کان انڪار ڪندي اسرار ڪيو ته کيس ٻئي جيل منتقل ڪيو وڃي، لاڙڪاڻو جيل ۾ سندس حياتي کي خطرو آهي. ان حوالي سان اسسٽنٽ جيل سپريٽيڊنٽ سهيل ابڙو ٻڌايو ته قيدي موسيٰ لانگاهه کي پنهنجي ئي قيدين مان جان جو خطرو آهي، قانوني گهرجن کي نظر ۾ رکي جيڪڏهن اهو ممڪن ٿيو ته قيدي کي ٻئي جيل منتقل ڪيو ويندو في الحال ان لاءِ ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو.