لاڙڪاڻو: پوليس اهلڪارن جي پاڪ ڪتاب کڻي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي قيدين پنهنجي احتجاج واري ويڊيو وائرل ڪندي جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ، اسسٽنٽ جيلر سهيل ابڙو ۽ درگاهي ڪلهوڙو مٿان تشدد ۽ ناجائزين جا سنگين الزام لڳائيندي کين هٽائي انصاف جي گهر ڪئي آهي، قيدين جي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ قيدي دانهي رهيا هئا ته اسان جي سنڌ حڪومت، وزيراعليٰ سنڌ، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري کي اپيل آهي ته چونڊيل نمائندا اسان جي ڪا واهر نه ٿا ڪن، بلاول ڀٽو زرداري سان مخاطب ٿيندي هنن چيو ته اوهان نوٽيس وٺي اسان قيدين جي واهر ڪريو، اسين قيدي اوهان جا ووٽر آهيون. هنن چيو ته ڪلوڙ جنهن وقت کان آيو آهي ان اسان سان ناجائزيون، تشدد ۽ سان گڏ سهولتون به کسيون آھن، ڪالهه اسان جي قيدي سان سندس امڙ ملاقات لاءِ آئي ان تي جيل پوليس قيدي کي ماري ڪٽي ۽ نڪ ۾ پاڻي وجهي بيهوش ڪيو ويو، ان بعد اسان جو ٻيو قيدي رياض چانڊيو کي ڌوڪي سان ڳالهين لاءِ گهرائي ان مٿان سڄي رات تشدد ڪري پاڻي وڌو ويو آھي. هنن چيو ته اسسٽنٽ جيلر سهيل ابڙو ۽ درگاهي ڪلهوڙو اسان سان ناجائزيون ڪري رهيا آهن مهرباني ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.