لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ق ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو. عدالت عاليا مونس الاهي خلاف وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) ۾ داخل مني لانڊرنگ جو ڪيس خارج ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ جو ڪيس خارج ڪرڻ جي مونس الاهي جي درخواست منظور ڪري ورتي. مونس الاهي جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مني لانڊرنگ جو ڪيس سياسي انجنيئرنگ لاءِ ٺاهيو ويو، ڪيس خارج ڪيو وڃي.