ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت ڪراچي ڊويزن لاءِ رٿيل بلدياتي اليڪشن ٽن مهينن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. چيف سيڪريٽري جي هدايتن بعد جنرل ايڊمنسٽريشنن کاتي جي اختيارين صوبائي اليڪشن ڪميشن جي اختيارين کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ گھرو کاتي ۽ آءِ جي سنڌ جي سفارش  جو حوالو ڏيندي بلدياتي اليڪشن جو ڪراچي ڊويزن وارو عمل ٽن مهينن لاءِ روڪڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ڪالهه گھرو کاتي جي سفارش کان پوءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي هدايت تي جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين پاران 23 آڪٽوبر تي ڪراچي ڊويزن ۾ رٿيل بلدياتي اليڪشن جو ٻيو مرحلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪرڻ لاءِ صوبائي اليڪشن ڪميشن کي سفارش ڪئي وئي آهي، صوبائي اليڪشن ڪميشن جي اختيارين کي لکيل خط ۾ گھرو کاتي ۽ آءِ جي سنڌ جا سفارشي خط به شامل ڪندي ان جو حوالو ڏنو ويو آهي، آءِ جي سنڌ طرفان گھرو کاتي جي سيڪريٽري ڏانهن لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو هو ته پوليس  جي وڏي نفري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ڊيوٽين تي موجود آهي، سينيئر آفيسر به ڊيوٽيون ڏئي رهيا آهن، مڪاني چونڊن جي سيڪيورٽي جي لاءِ ٻين ضلعن کان نفري گھرائڻي پوندي آهي، ٻيا ضلعا ٻوڏ سبب متاثر آهن ان ڪري مڪاني چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ ڄاڻايل ضلعن مان نفري نه ٿي گھرائي سگھجي. ڪراچي ۾ بلدياتي اليڪشن دوران سيڪيورٽي لاءِ 39 هزار نفري گھربل آهي پر 16 هزار گھٽ نفري موجود آهي، خط ۾ آءِ جي سنڌ لکيو هو ته ٽن مهينن تائين پوليس سيڪورٽي جي لاءِ نفري نه ٿي ڏئي سگھي ان لاءِ ٽن مهينن تائين مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون وڃن. واضح رهي ته ڪراچي ڊويزن ۾ بلدياتي اليڪشن 23 آڪٽوبر تي رٿيل آهن.