لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي مريم نواز کي پاسپورٽ واپس ملي ويو، لنڊن وڃڻ لاءَ تياري، والد نوازشريف سان گڏجي ڏيهه واپس اچڻ جو امڪان آهي. مريم نواز جي پاسپورٽ واپسي واري درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ امير ڀٽي جي سربراهي ۾ 3 رڪني فل بينچ ڪئي، چيف جسٽس وڪيل امجد پرويز کان پڇيو ته ڇا مريم نواز پهرين به پاسپورٽ واپسي جي درخواست داخل ڪئي هئي

جنهن تي مريم نواز جي وڪيل چيوته موجوده درخواست جي روشني ۾ پراڻيون درخواستون غيرموثر ٿي ويون، مريم نواز کي پاسپورٽ جمع ڪرائڻ تي ضمانت ملي، 4 سال ٿي ويا آهن پر اڃا تائين چوڌري شگر ملز جو ڪوبه ريفرنس نه آيو آهي، جيڪڏهن ڪيس داخل ڪن ها ۽ مريم نواز ان جو دفاع ڪري ها ته صورتحال مختلف هجي ها،ڪنهن جي چر پر کي روڪڻ بنيادي حقن جو معاملو آهي

، ڪيس ۾ ڊگهي دير ڪرڻ قانون جي غلط استعمال برابر آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪوئي حوالو رسول الله صلعم جي دور جو به آهي، جتان قانون اچن ٿا،  جنهن تي وڪيل چيو ته آئون اهو به چوان ٿو ته ابليس کي به سزا ڏيڻ کان اڳ موقف پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، صلح حديبيه به ماڻهن جي حقن بابت آهي

اسان هرو ڀرو هيڏانهن هوڏانهن ويندا آهيون، الله تعليٰ سڌو سڌو فرمايو آهي ته ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن کي سزا ناهي ڏيڻي، جنهن  ڪيس ۾ سزا ملي اهو پاسپورٽ واپسي ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي پيو پر هاڻ اهو ڪيس ئي ناهي رهيو. جسٽس امير ڀٽي پڇيو ته عدالت پنهنجي تسلي لاءِ پاسپورٽ رکرايو هو

ڇا اها تسلي ختم ٿي وئي؟ مريم نواز جي وڪيل چيو ته مريم نواز 4 سالن تائين انتظار ڪيو آهي، ڪو ريفرنس داخل يا جاچ نه ٿي. جسٽس امير ڀٽي ٻيهر پڇيو ته ڇا اسان ضمانت جي فيصلي ۾ شرط واري حصي جي ترميم ڪنداسين يا ان حصي کي واپس وٺنداسين، جنهن تي وڪيل چيو ته عدالت مريم نواز جي ضمانت جي حڪم ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي. ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته اسان کي مريم نواز کي پاسپورٽ واپس ڏيڻ تي ڪوبه اعتراض نه آهي، جسٽس امير ڀٽي پڇيو ته ڇا مريم نواز جي ضمانت خلاف اپيل داخل ڪئي وئي هئي

جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته مونکي ان بابت خبر ناهي، چيف جسٽس محمد امير ڀٽي چيو ته ته پوءِ اهو ڪير ٻڌائيندو، ڇا توهان صرف هڪ جملو ٻڌي ڇڏيو ته ڪجهه ناهي ڪرڻو، مخالفين اچي وڃن ته زمين آسمان هڪ ڪري ڏيندا آهيو، پنهنجا هجن ته زمين تي وڇائجي ويندا آهيو

لاهور هاءِ ڪورٽ مريم نواز جي درخواست منظور ڪندي کيس پاسپورٽ واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت جي اهڙي حڪم بعد مريم نواز کي پاسپورٽ واپس ملي ويو آهي، ان حوالي سان مريم نواز ٽوئيٽ ڪندي تصديق ڪئي ۽ لکيو ته الحمد الله مونکي پاسپورٽ واپس ملي ويو آهي

ٽوئيٽ ڪندي مريم نواز چيو ته جنهن ڪيس ۾ منهنجو پاسپورٽ 3 سال ضبط رهيو، اهو ڪيس ڪڏهن منهنجي خلاف ٺهيو ئي نه هو، مريم نواز دعويٰ ڪئي ته منهنجي جلسي جي خوف سبب فتني خان مونکي 3 سال نيب جي حراست ۾ رکيو، جاچ لاءِ ڪوٽ لکپت جيل جي ڊيٿ سيل ۾ رکيو ويو، ظلم ۽ انتقام تي ٻڏل فتني جي سياست کي  هڪ ڏينهن مٽڻو ئي هو، فتني جو عبرتناڪ انجام سندس پيڇو ڪري رهيو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز

 نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز جلد لنڊن رواني ٿيندي سندس پنهنجي والد نوازشريف سان گڏ پاڪستان اچڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب مريم نواز ويره جي لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي. چئن سالن کانپوءِ والد سان ملاقات جي لاءِ لنڊن رواني ٿيندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جو امڪان آهي ته اڳوڻو وزيراعظم به ملڪ واپس اچي ۽ مريم نواز به ساڻس گڏ هوندي. لنڊن ۾ رهڻ دوران مريم نواز طرفان نوازشريف جي ملڪ واپسي جي حوالي سان قدمن جو به جائزو ورتو ويندو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل هفتي مريم نواز کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بري ڪري ڇڏيو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ به سومر 3 آڪٽوبر تي سندس پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مريم نواز 13 جولاءِ 2018 تي لنڊن مان واپس آئي هئي. ان وقت اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف به ان سان گڏ آيو هو لاهور مان مريم نواز کي اڊيالا جيل اماڻيو ويو هو