جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جيل  ۾ قيدي تي تشدد وارو مامرو، عدالت جيل جي 7 اهلڪارن سوڌو 17 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾  ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيدي اعجاز ڪٽوهر تي تشدد ڪري پير ڀڃڻ واري مامري خلاف قيدي جي پيءُ ڌڱاڻ ڪٽوهر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ جيل اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن م موقف اختيار ڪيو ويو ته رشوت نه ڏيڻ تي پوليس اهلڪارن قيدي اعجاز ڪٽوهر تي تشدد ڪري پير ڀڃي ڇڏيو آهي، جڏهن ته عدالت ڳوٺاڻي جي درخواست تي ڊسٽرڪٽ جيل جي 7 اهلڪارن واحد بخش بنگلاڻي، عبدالرزاق ملغاڻي،ذوالفقار مورو، ذوالفقار جتوئي، رستم ٻرڙو، سڪندر مهر ۽ مقيم بروهي سميت 17 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان  صدر پوليس ٻڌايو ته عدالت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي پر فريادي ٿاڻي تي ناهي پهتو.