حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ڊويزنل انتظاميا ۽ انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ڊويزن جي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن  کي بحال ۽ اجاگر ڪرڻ جي معاملي تي اتفاق ڪري ورتو آهي. سيوهڻ جي تاريخي قلعي کي به اجاگر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊي سي ڄامشورو ۽ انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي سيڪريٽري عبدالحميد آخوند سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪمشنر چيو ته وزيراعليٰ سنڌ جي هدايت آهي ته ڊويزن جي تفريحي ماڳن، ميوزيم ۽ سيوهڻ جي تاريخي قلعي جي بحالي لاءِ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن. هن ڄامشورو ۽ ٺٽي ضلعي جي تاريخي ماڳن جي بحالي ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڊي سي ڄامشورو ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٺٽي کي زمين مختص ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي اي ايف ٽي جي سيڪريٽري حميد آخوند ٻڌايو ته سيوهڻ جو قلعو 400 سال اڳ تعمير ٿيو هو ان کي ڪئين حڪمرانن پنهنجي دور ۾ استعمال ڪيو ۽ بعد ۾ قلعي کي نظرانداز ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ جي تاريخي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ تاريخي توڙي ثقافتي جاين تان ملندڙ شين تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ جديد ليبارٽري جو قيام به عمل ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته سيوهڻ جي تاريخي داخلي دروازي کانسواءِ باقي سمورن هنڌن تي قبضا ٿي چڪا آهن جن کي هٽائڻ جي ضرورت آهي. هن اعلان ڪيو ته سيوهڻ شهر جي قلعي تي جيڪو اسڪالر پي ايڇ ڊي ڪندو ان جا خرچ سندن ادارو برداشت ڪندو. هن حيدرآباد بسنت هال ۾ لائبريري قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.