ڍورونارو (ن پ ا) جيئي سنڌ قومي محاذ جي باني چيئرمين عبدالواحد آريسر جي 6 هين ورسي جي موقعي تي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، ارباب ڀيل، سرمد ميراڻي ۽ ٻين مزار تي پهچي گلن جي چادر چاڙھي کيس خراج تحسين پيش ڪيو، جڏهن ته ڪورونا ايس او پيز تحت ڪوبه جلسو نه ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته عبدالواحد آريسر سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، سندس خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته وفاق سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاٿي ٿو، اڳواڻن سنڌ جي قديمي ڳوٺن تي بحريا ٽائون جو قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته سنڌي قوم پنھنجي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪري ڄاڻي ٿي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري ، سيد جلال محمود شاھ کي اپيل ڪئي ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو ھنگامي اجلاس ڪوٺايو وڃي، جيئن گڏيل مشاورت سان ملڪ رياض جي وڌندڙ والار کي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙجي. ٻئي پاسي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنھور، ڪامريڊ روشن منڱريو ،مھر علي سمون ۽ٻين ڳوٺ انڙ آباد پھچي عبدالواحد آريسر جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.