گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ گيسٽرو ۾ واڌ، گيسٽرو جي 20 مريضن ۾ عورتون مرد ٻارڙا مسمات صغره خاتون، مسمات بشران خاتون، رحيم علي، عابد علي،ڪاشف علي،مومل خاتون،محمد موسي، انعام علي، قربان علي، سمير علي، ساجده خاتون، محمد نويد، اسماعيل سميت 20 ڄڻا شامل آهن، جن کي وارث گيسٽرو سبب کڻي گمبٽ گمس سٽي اسپتال جي ٽرامه سينٽر ۾ پهتا آهن جتي گيسٽرو مريضن کي علاج ڏنو پيو وڃي. ٽرامه سينٽر ۾ داخل مريضن جو چوڻ هو ته هي ايمرجنسي وارڊ هئڻ سبب علاج ۾ مشڪلاتون درپيش آهن هن وارڊ ۾ زخمين سميت هر قسم جو مريض اچي رهيا آهن گيسٽرو مريضن لاءِ ڌار وارڊ ٺاهي دوائن جي سهولت مهيا ڪئي وڃي. هوڏانهن وارڊ ۾ موجود ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سخت گرمي سبب گيسٽرو وڌي رهي آهي. ماڻهن کي گھرجي ته ٿڌيون شيون واپرائين ۽ گرم شين کان پاسو ڪري پاڻ کي گيسٽرو کان بچائي سگھن ٿا.