حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ وفاقي حڪومت پاران 1971ع ۾ ملڪ ڇڏي ويندڙ بنگالين جون ملڪيتون غير قانوني طور ايندڙ بنگالين حي حوالي ڪرڻ واري فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي اهڙي فيصلي سان غيرقانوني طور ملڪ ۾ ايندڙ بنگالين ۽ ٻين پرڏيهين کي سنڌ جي شهريت ملي ويندي جنهن سبب سنڌي ماڻهو دائمي طور اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، جوائنٽ سيڪريٽري علي محمد پرويز ۽ ٻين پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته وفاقي حڪومت جي متروڪه ملڪيتن بابت جوڙيل ڪاميٽي جي اهڙي فيصلي سان ملڪ جي عوام کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو جڏهن ته ان جو فائدو فقط ڦورن ۽ قبضاگيرن کي ٿيندو. حڪومت جي اهڙي غير قانوني فيصلي سان سڀاڻي برطانيا جي ماڻهن کي به موقعو ملي ويندو ته هو چوندا ته انگريزن جي ورهاڱي کان اڳ پاڪستان جي مختلف هنڌن تي انهن به ملڪيتون خريد ڪيون هيون ان ڪري هاڻي اهي ملڪيتون به انگريزن کي ڏنيون وڃن ان سان پاڪستان جون ذري گهٽ سموريون ملڪيتون پرڏيهين حوالي ٿي وينديون. اڳواڻن بيان ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ جي زندگي ۽ موت جهڙن اهڙن فيصلن تي آخرڪار خاموش ڇو آهي؟ پيپلزپارٽي جي خاموشي ٻڌائي ٿي ته هو وفاقي حڪومت سان هن سنڌ دشمن فيصلي ۾ به گڏ آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته متروڪه ملڪيتن بابت جوڙيل ڪميٽي جي هن سنڌ دشمن فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ اهڙا ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن فيصلا ڪندڙ ڪميٽي جي سمورن ميمبرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. گڏوگڏ پنهنجي قوم سان غداري ڪري سنڌ تي ماڪڙ جيان ڪڙڪي پوندڙ سمورن پرڏيهين بهارين ۽ بنگالين کي فوري طور سنڌ مان نيڪالي ڏئي سندن وطن ڏانهن اماڻيو وڃي. ٻئي پاسي جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ۾ ھڪ منظم سازش تحت ڌارين جي آبادڪاري کي ھٿي ڏني وئي آھي جنھن سبب سنڌ ۾ نه صرف آبادي جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي پر سنڌ جي معيشت کي پڻ نقصان پيو ٿئي. مسلسل ڌارين جي سنڌ ۾ آبادي ۽ کين شناختي ڪارڊ جاري ڪري وسيلن، زمينن، روزگار ۽ ڪاروبار تي ڌارين جو قبضو ٿيندو پيو وڃي. اهڙو اظهار مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي ۽ ٻين جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. هنن چيو ته سنڌ ۾ افغانين سميت غيرقانوني طور آيل ڌارين جا روزانو ڪٽڪ بنا روڪ ٽوڪ جي داخل ٿي رھيا آھن. حڪمران انهن کي روڪڻ بدران سندن سھولتڪار بڻيل آھن. ھنن چيو ته سنڌ جي اصل ڌرتي واسين کي اقليت ۾ تبديل ڪري انھن کان حق حاڪميت وارو حق کسڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. بحريا ٽائون جھڙا منصوبا به اھڙين سازشن جو حصو آھي ان لاءِ ھاڻي سنڌي قوم کي سجاڳ ٿيڻو پوندو.