ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ جي صوبائي وزيرن ۽ ايم پي ايز ملڪ ۾ بنگالين جون ڇڏيل ملڪيتون بنگالين کي ڏيڻ وارو وفاقي فيصلو رد ڪري ڇڏيو، هنن عدالت وڃڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جِي زمينن جا مالڪ سنڌي آهن، وفاقي حڪومت کي سنڌ جِي زمينن بابت فيصلو ڪرڻ جو ڪوبه حق ناهي. ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته بنگالين جو ڇڏيل ملڪيتون سنڌ جون آهن، انهي تي قانوني ماهرن سان به مشاورت ڪنداسين، وفاق جو فيصلو رد ڪريون ٿا. صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته بنگالين جي ملڪيتن بابت وفاق هڪ طرفو فيصلو ڪيو آهي، ملڪيت سنڌ جي آهي، اها ٻئي ڪنهن کي ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي؟ جيڪڏهن وفاق زوري فيصلو مڙهيو ته ان کي عدالت ۾ به چيلنج ڪيو ويندو، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته صوبي ۾ بنگالين جون ڇڏيل ملڪيتون صوبي جي ملڪيت آهن، انهن تي وفاق جو ڪوبه اختيار ناهي، وفاقي حڪومت پاران جوڙيل ڪاميٽي غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي، انهي کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا، عجيب صورتحال آهي ته سنڌ جي زمينن تي اهڙي ڪاميٽي فيصلو ڪندي، جنهن ۾ هڪ به سنڌي اهي ، جيڪڏهن ڪاميٽي ۾ ڪو سنڌي هجي به ها، تڏهن به وفاقي ڪاميٽي کي ڪو اختيار ئي ناهي ته سنڌ جي ملڪيت بابت فيصلا ڪري. پ پ ايم پي اي منور وساڻ چيو ته وفاق سدائين سازشون ڪندو رهندو آهي، بنگالين جون ڇڏيل ملڪيتن تي سنڌ جو حق آهي، اها وفاق جي ڀُل آهي ته اهو انهن کي ڦٻائي وٺندو، پ پ سميت سموريون سنڌ دوست پارٽيون روڊن تي نڪرنديون. صوبائي وزير ساجد جوکيو چيو ته لياقت علي خان دور کان سنڌ سان ناني ويڙهو ڪيو ويو آهي، سنڌي ماڻهو ئي ملڪيتون ڇڏي بنگال ويا هئا، اهي ملڪيتون سنڌ جون آهن ۽ رهنديون، اهي سنڌين کي ملڻ گهرجن. پ پ ايم پي اي هير سوهو چيو ته سنڌ حڪومت توڙي سنڌ جي عوام کي وفاق جو فيصلو قبول ناهي، وفاق ۾ ويٺل ڪجهه شرپسند اهڙا ڊراما رچائي رهيا آهن، جنهن لاءِ اسان کي سجاڳ ٿيڻ جي ضرورت آهي.