ڪراچي (م ڊ) قانوندانن پاران 71ع ۾ ملڪ ڇڏيندڙ بنگالين جون ملڪيتون بنگالين کي ڏيڻ وارو وفاق جو فيصلو غيرآئيني قرار، انتهائي اهم مامري تي سنڌ سرڪار جي خاموشي تي حيرت جو اظهار به ڪيو، سينيئر قانوندان ضمير گهمرو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آئين تحت لاوارث ۽ ڇڏيل ملڪيتن تي وفاق جو ڪوبه حق ناهي، اُهي صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهن، فروغ نسيم جي سربراهي ۾ جُڙيل ڪميٽي جا فيصلا صوبن ۾ مداخلت آهي، سنڌ سرڪار کي هن مامري تي اسٽينڊ وٺڻ گهرجي، صوبائي حڪومتون وفاق کي تفصيل ڏيڻ جون به پابند نه آهن، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته فروغ نسيم جو ٽولو سنڌين تي حملي آور ٿيڻ جي ايجنڊا رکي ٿو، سنڌين کي اقليت تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي نمائندن کي فروغ نسيم جي ڪميٽي جي فيصلي خلاف ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي.