اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس هڪ ڏينهن جي وقفي کانپوءِ اڄ ٻيهر ٿيندا، سينيٽ جو اجلاس اڄ 10 وڳي ٿيندو، جنهن لاءِ 15 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي، ايجنڊا مطابق گهرو وزير شيخ رشيد پاران ڪرمنل مامرن ۾ ميچوئل ليگل اسسٽنٽ بابت ترميمي بل 2021 منظوري لاءِ پيش ٿيندو، جڏهن ته توانائي جي وزير حماد اظهر پاران بجلي جي جنريشن ۽ ٽرانسميشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل 2021ع منظوري لاءِ پيش ٿيندو، جڏهن ته جي يو آءِ جي مولانا عطاءُ الرحمان پاران چونڊيل ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسن بابت قانون ۾ ترميم جو بل پيش ڪرڻ جو مامرو به ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو فيصل سبزواري نادرا پاران دهشتگردن ۽ ڪالعدم قرار ڏنل تنظيمن ۽ غير ملڪي شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري مامري تي وفاقي حڪومت جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ نوٽيس پيش ڪندو، ٻئي طرف قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ساڍي 10 وڳي ٿيندو، جنهن لاءِ به 15 نقاطي ايجنڊا تيار ڪئي وئي آهي، ايجنڊا ۾ ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي، ڪشور ظهرا، اقبال محمد علي، اسامه قادري، انجنيئر صابر قائمخاني پاران سنڌ صوبي ۾ نادرا پاران بوگس قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ تي ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته توانائي جو وزير بجلي جي پيداوار ۽ ٽرانسميشن ايڪٽ ۾ ترميم جي جاري ڪيل آرڊيننس ۾ وڌيڪ 120 ڏينهن جي واڌ لاءِ قرارداد پيش ڪندو، تعليم جو وفاقي وزير هائير ايجوڪيشن ڪميشن ايڪٽ ۾ ترميم جي ٻن آرڊيننسن ۾ وڌيڪ 120 ڏينهن جي اضافي جي ڌار ڌار قرارداد پيش ڪندو. جڏهن ته 2 مختلف بلن جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل ڪئي وئي آهي.