حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد ۾ بلقيس ايڌي اسپتال جي زمين تي مبينا قبضو ڪندڙن خلاف عدالتي فيصلي  باوجود ڪارروائي نه ڪرڻ تي ايڌي ٽن ڏينهن بعد ايمبولنس سروس بند ڪري ڪمشنر آفيس آڏو احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ايڌي فائونڊيش حيدرآباد جي زونل انچارج معراج الدين قريشي چيو آهي ته  يونٽ نمبر 8 ماءُ جي اسپتال ڀرسان بلقيس ايڌي اسپتال قائم آهي جنهن جي زمين تي ڪافي عرصي کان قبضو ٿيل هو، جنهن بابت حيدرآباد ۾ قائم اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل 14 مارچ 2022ع تي سندن حق ۾ فيصلو ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي 15 ڏينهن دوران حددخليون ڊاهي قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو پر 2 مهينا گذرڻ باوجود ڪمشنر سميت لاڳاپيل عملدارن ڪو به تحرڪ ناهي ورتو. هن چيو ته  3 ڏينهن ۾ معاملو حل نه ڪيو ويو ته مجبور ٿي ايڌي سينٽر ۾ ايمبولنس سروس سينٽر بند ڪري ڌرڻو هڻنداسين.