قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجهو ڪار ۽ ٽرالر وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾  هڪ عورت سڙي فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، سڪرنڊ شگرملز وٽ قومي شاھراهه تي ڪار ۽ ٽرالر وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾  ڪار ۽ ٽرالر کي باھ لڳي وئي، باهه جي واقعي ۾ ڪار ۾ سوار ھڪ عورت مسمات زينت اختر زال طالب مستوئي سڙي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي. جڏھن ته هڪ ڄڻو حامد علي مستوئي سڙي  زخمي ٿي پيو، زخمي شخص کي تعلقي اسپتال قاضي احمد  منتقل ڪيو ويو، جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب نواب شاهه پي ايم يو اسپتال پهچايو ويو، حادثي جو شڪار فيملي ٺارو شاهه جا رهواسي ھئا، معلوم ٿيو آهي ته فوتي عورت جو مڙس طالب حسين مستوئي حيدرآباد اسپتال داخل آهي جنهن جي طبيعت معلوم ڪرڻ کان پوءِ واپس ٺارو شاهه پئي آيا ته سندن ڪار حادثي جو شڪار ٿي وئي.