سوڀوديرو (ن پ ا) سوڀوديرو لڳ 5 سالن جي نينگري پراسرار طور سڙي زخمي ٿي پئي. ان سلسلي ۾ ڳوٺ سونو سامٽيو  جي رهواسي پورهيت قمبر سامٽيو سيد برادري جي ماڻھن خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته سندس پنجن سالن جي نياڻي آسيه ڳوٺ ۾ راند کيڏي رهي هئي ته سيد شاهد شاهه جي پٽ ٻرندڙ باهه ۾  ڌڪو ڏنو، جنھن سبب نينگريءَ جي جسم جو ڪافي حصو سڙي پيو آھي. اهڙي دانهن نينگر جي والد شاهد شاهه کي ڏني ته هن ويتر مڇرجي گهر جي در تي اچي ڌمڪيون ڏنيون. هن چيو ته اهڙي واقعي جي اين سي سوڀوديرو ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي. ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل ڌر سان رابطو ڪرڻ تي شاهد شاهه موقف ڏيندي چيو ته باهه ۾ سڙيل ننڍڙي پنھنجي ڀاءُ سان گڏ راند کيڏندي سڙي زخمي ٿي آهي، اسان مٿان الزام بي بنياد آھن.