جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي اولڊ ڪاليج روڊ تي قائم نجي ھوٽل معراج کي ضلعي انتظاميا پاران ناجائز اڏاوت قرار ڏئي ڊاھڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ھو، ھوٽل کي ڊاھڻ لاءِ گئس پائيپ لائين ذريعي پلر کي ڪٽڻ دوران ملبو مزدور مٿان ڪري پيو، جنهن سبب مزدور ملبي ھيٺيان مزدور دٻجي ويو ٻين ڪم ڪندڙ مزدورن ملبو ھٽائي مزدور کي چينگچي رڪشا تي سول اسپتال منتقل ڪيو زخمي ٿيل مزدور زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن جي سڃاڻپ جوڙيا چوڪ واسي 40 ورهين جي اعجاز بروهي طور ٿي وئي، اھڙي اطلاع تي وارث اسپتال پھچي ويا فوتي مزدور جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جو مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو واضح رهي ته ضلعي انتظاميا پاران نجي ھوٽل کي غيرقانوني ڄاڻائي ھٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو جنهن کي ڊاھڻ لاءِ گذريل ھڪ مھيني کان ڪم ھلندڙ آهي.