حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي علائقي انڊسٽريل ڪالوني ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي. پاڻي نه ملڻ خلاف ايم ڊي واسا جي آفيس ۾ دانهڻ تي آفيس ۾ موجود گارڊن سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو کي گٿا لفظ ڳالهائي کيس واپس موڪلي ڇڏيو، گارڊن جي اهڙي رويي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڊي جي ايڇ ڊي اي آفيس آڏو احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو ٻڌايو ته ڄاڻايل ڪالوني ۾ پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ آهي جنهن جي شڪايت کڻي هو ايم ڊي واسا زاهد کيمٽيو جي آفيس پهتي ته ايم ڊي واسا مسئلو حل ڪرڻ بدران آفيس ۾ موجود گارڊن جي مدد سان کيس ٻاهر موڪلي ڇڏيو. هن چيو ته واسا انتظاميا کي پاڻي فراهمي لاءِ ڪروڙين رپين جا فنڊ ملن ٿا جيڪي هو مبينا طور هڙپ ڪري رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته ايم ڊي واسا جي گارڊن خلاف ڪيس داخل ڪري علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ کان ٻيهر احتجاج شروع ڪيو ويندو.