رتوديرو/وارث ڏنو ماڇي (نمائندن وٽان) جلباڻي ڪٽوهر خوني تڪرار ۾ زخمي ٿيلن جو نبيرو رتوديرو ڀرسان ڳوٺ مسوديرو ۾ علينواز جلباڻي، لياقت رند ۽ ڪريم ڏنو بڊاڻي جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو، فيصلي ۾ ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 37 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ان ڏس ۾ معمولي زخمي جا 2 لک رپيا، عورت جي زخمي جا 8 لک رپيا، ٻار جي زخمي جا 15 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، فيصلي ۾ ڪٽوهر ڌر جا جلباڻي ڌر مٿان هڪ عورت، هڪ ٻار ۽ 3 مرد زخمي ثابت ٿيا، جنهن جو مجموعي طور تي 25 لک ڏنڊ رکيو ويو، جڏهن ڪٽوهر ڌر جي ٽن زخمين بابت واقعي واري هنڌ وڃي معائنو ڪرڻ بعد فتويٰ ڏني ويندي، فيصلي ۾ ڪٽوهر ڌر مٿان هڪ عورت ۽ 2 مرد زخمي ثابت ٿيا جنهن جو مجموعي طور تي 12 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. فتويٰ بعد خير جي دعا گهري وئي.