حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايم نائن موٽر وي تي ٽول ٽيڪس ۾ اضافو ڪندي نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن. گذريل ڏينهن کان نيشنل هاءِ وي جي قانون موجب ڪارون، ويگنن، ڪوسٽر، مزدا ۽ ٻي ٽرانسپورٽ کان ٽيڪس وصولي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ايم نائن موٽر وي تي قائم ٽول ٽيڪس جي انتظاميا پاران ڄاڻايل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پهرين جولاءِ کان ڪار وارا 2 رپيا 25 پئسا في ڪلو ميٽر، ويگنون 3 رپيا 32 پئسن بدران 3 رپيا 59 پئسا في ڪلو ميٽر تي ٽيڪس ادا ڪنديون جڏهن ته ڪوسٽر ۽ مزدا گاڏين وارا 4 رپيا 67 پئسا في ڪلو ميٽر بدران 5 رپيا 4 پئسا في ڪلو ميٽر تي ٽول ٽيڪس ڀرينديون. اهڙي ريت بسن وارن کان 6 رپيا 65 پئسا في ڪلو ميٽر بدران هاڻي 7 رپيا 18 پئسا ٽيڪس ورتو پيو وڃي جڏهن ته ٽريلر 11 رپيا 40 پئسن بدران 12 رپيا 31 پئسا روڊ جو ٽيڪس ادا ڪندا جڏهن ته هاڻي ٽرڪ ڊرائيور 8 رپيا 95 پئسا في ڪلو ميٽر بدران 9 رپيا 66 پئسا روڊ تي ٽول ٽيڪس جي مد ۾ ادا ڪندا. ڄاڻايل واڌ واري رقم ڪالهه کان ايم نائن موٽروي تي قائم ٿيل ٽول ٽيڪس جي انتظاميا پاران وصول ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.