ف ليگ پيپلز پارٽي جي“بي” ٽيم ناهي، سنڌ جو ورهاڱو قبول ناهي: پيرزاده ياسر

0
292
ف ليگ پيپلز پارٽي جي

ڪراچي (انٽرويو+صدام ڪولاچي) فنڪشنل ليگ سنڌ جي نائب صدر پيرزاده ياسر سائين چيو آهي ته اِهو تاثر غلط آهي ته فنڪشنل ليگ پيپلز پارٽي جي “بي” ٽيم آهي، پير صاحب پيپلز پارٽي کي سيٽون ناهي ڏيندو، ظاهر ڳالهه آهي ته جيڪا پارٽي اقتدار ۾ هُجي ٿي، ماڻهن جو لاڙو اُن ڏانهن وڌيڪ هُجي ٿو

رهي ڳالهه ڪارڪردگي جي ته اسان تسليم ڪريون ٿا ته اسان عمران حڪومت سان چار سال گڏ رهياسين پر عوامي مسئلا حل نه ڪرائي سگهياسين، اعتراف ڪيون ٿا ته فنڊز نه ملڻ سبب پنهنجن تڪن تي ڪم نه ڪرائي سگهياسين، سينيٽ اليڪشن ۾ عمران خان جي ڊي اي سان بيوفائي نه ڪئي، پارٽي جي ڪجهه ماڻهن بيوفائي ڪئي، اسان عمران کي ميار نه ڏينداسين. پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي فنڪشنل ليگ جي نائب صدر چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ معاهدو ڀلي ٿيو آهي پر مونکي نٿو لڳي ته پيپلز پارٽي سنڌ جو سودو ڪندي، ڪراچي کان ڪشمور سنڌ آهي

سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪنهن به ريت قبول ناهي، اردو ڳالهائيندڙ جا ڪجهه جائز مسئلا آهن، جيڪي حل ٿيڻ کپن، باقي لسانيت واري سياست ڪير به قبول نه ڪندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي يعني سنڌ حڪومت کان ايڊمنسٽريٽر، گورنر ۽ ٻيون سڻڀيون وزارتون گهريون آهن، ظاهر آهي جيڪو انهن ۾ طئه ٿيو آهي، هو اهو ڪندا، پر اسان هن معاهدي کي سنڌ دوست نٿا چئي سگهون. پير صاحب جي ڊي اي جي پيلٽ فارم تان سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪئي، سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي ايوانن ۾ آواز بلند ڪندا آهيون، احتجاج پارٽي پاليسي جو حصو ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت ملڪي حالتون بد کان بدتر ٿي رهيون آهن، معيشت ٻڏندي پئي وڃي، ڊالر کي پر لڳي ويا آهن، ملڪ کي بچائڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو

بحريا ٽائون، ٻيٽن تي والار، پاڻي ۽ بجلي توڙي گئس جي مسئلن تي فنڪشنل ليگ جي خاموشي بابت سوال تي پيرزاده ياسر سائين چيو ته اسان رڳو ايوانن ۾ آواز اٿاريندا آهيون، روڊ بلاڪ ڪرڻ ڌرڻا هڻڻ اسان جي پاليسي ناهي. مڪاني نظام بابت سوال تي هن چيو ته پيپلز پارٽي ٽن ڏهاڪن کان حڪومت ۾ آهي، ظاهر آهي، جيڪا پارٽي حڪومت ۾ هوندي، اليڪشن ۾ موٽ ان کي ملندي آهي، اسان جو جيڪو حال آهي، اليڪشن ۾ بيٺا آهيون، اميدوار سختيون برداشت ڪري رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ پيزاده ياسر سائين چيو ته آرمي چيف بابت سوشل ميڊيا تي واويلا سان ملڪ دشمنن کي فائدو ٿي رهيو آهي، اهو سلسلو بند ٿيڻ کپي. فنڪشنل ليگ جي نائب صدر پيرزاده ياسر سائين چيو ته جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي خاموش ناهي ٿي، هوءَ آواز اٿاريندي رهي ٿي، ظاهر آهي فنڊز بند آهن، عوامي مسئلا حل نه ڪرائي سگهيا آهيون، مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن مٿان حڪمران ڌر ڪيس داخل ڪرائي کين پريشان ڪري رهي آهي، اسان جا ايم پي ايز گهٽ آهن، سنڌ ۽ وفاق ۾ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون