ايم اين اي ڊاڪٽر عامر لياقت جو پراسرار موت

0
525
ڊاڪٽر عامر لياقت جا ٻار

ڪراچي: قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر عامر حسين لياقت جي پراسرار موت بابت پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڊاڪٽر عامر حسين لياقت گهر مان مئل حالت ۾ مليو، کيس خانگي اسپتال به آندو ويو جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي

ملازمن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عامر لياقت جي ڪمري جو دروازو بند هو، عامر لياقت جي ڪالهه رات کان طبيعت خراب هئي، کيس دروازو کولڻ لاءِ چوندا رهياسين پر هُن در نه کوليو

ملازمن موجب ڊاڪٽر عامر لياقت کي شايد! دل ۾ تڪليف هئي، کيس اسپتال وٺي هلڻ جو چوندا رهياسين پر  هُن انڪار ڪيو

ذريعن موجب عامر حسين لياقت کي سندس گهر خداداد ڪالوني مان ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر عامر لياقت کي مئل حالت ۾ اسپتال آندو ويو

عامر لياقت جي ڊرائيور پوليس سان رابطو ڪيو

عامر لياقت جي ڊرائيور پوليس کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عامر لياقت جي طبيعت خراب آهي، ڊرائيور پوليس کي ٻڌايو ته عامر لياقت جي ڪمري مان گذريل ڏينهن رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا

پوليس موجب عامر لياقت جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو، جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو

پوليس جو چوڻ آهي ته عامر لياقت کي گهر مان شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، ملازمن ۽ ڊرائيور کان بيان ورتا پيا وڃن

قومي اسيمبلي جي ڪارروائي ملتوي

عامر لياقت جي لاڏاڻي تي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته افسوسناڪ خبر آئي آهي ته اسيمبلي ميمبر عامر لياقت لاڏاڻو ڪري ويو، ايوان جي ڪارروائي فوري طور روڪڻ گهرجي

عامر لياقت جي لاڏاڻي سبب قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي شام پنج وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو

واضح رهي ته عامر لياقت حسين 5 جولاءِ 1971ع ۾ پيدا ٿيو، هو 2022 کان 2007 تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو آهي

عامر لياقت مشرف دور ۾ مملڪتي وزير رهيو، 2018 ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو

عامر لياقت 3 شاديون ڪيون

عامر لياقت 3 شاديون ڪيون، پهرين شادي سيده بشريٰ اقبال، ٻي سيد طوبيٰ ۽ ٽئين دانيه سان ڪئي

عامر لياقت بشريٰ ۽ طوبيٰ کي طلاق ڏئي چڪو، جڏهن ته دانيه سندس گهر واري هئي، جنهن ڊاڪٽر عامر لياقت خلاف ڪيس به داخل ڪيو آهي