حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت ڏنل فيصلي تي مليل جليل رد عمل ظاهر ٿيو آهي. سوشل ميڊيا تي اڪثر ماڻهو ان فيصلي جي مخالفت ۽ ڪجهه حمايت ڪري رهيا آهن. مخالفت ڪندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته عدالتي فيصلي سان سنڌ جا سوين نوجوان بيروزگار ٿي ويندا. سنڌ ۾ اڳ ئي گهڻي بيروزگاري آهي ويتر ڪميشن تحت نوڪريون وٺندڙ نوجوانن کي به بيروزگاري جو منهن ڏسڻو پوندو. فيصلي جي حمايت ڪندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪميشن آزاد ۽ خودمختيار ادارو نه رهيو آهي. ڪميشن جي آڙ ۾ سنڌ اندر حڪمران جماعت، بااثر ڪامورا، سفارشي شخص ۽ رشوت عيوض پنهنجا ماڻهو نوازي رهيا آهن جنهن ڪري هوشيار ۽ ذهين نوجوانن جي حق تلفي ٿي رهي آهي.