اسلام آباد/لاهور (بيورورپورٽ+م ڊ) وفاقي وزيرن ۽ صلاحڪارن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي پي ٽي آءِ جي موقف جي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته نواز شريف جي حوالگي لاءِ ٻيهر برطانيا سان رابطو ڪيو آهي ملڪ ۾ هڪ ئي قومي پارٽي پي ٽي آءِ ۽ هڪ ئي قومي ادارو پاڪ فوج آهي جيڪي هڪ ئي پيج تي آهن، نواز شريف واپس اچي کيس ڪوسٽ گارڊ سميت هر سيڪورٽي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ميڊيا سان ڳالهائيندي چوي ته نواز شريف جي حوالگي لاءِ برطانيا سان ٻيهر رابطو ڪيو آهي، هو ٻڌائي ته کيس ڪنهن مان خطرو آهي اسان کيس مڪمل تحفظ ڏينداسين وفاقي گهرون وزير شيخ رشيد چيو ته برطانيا سان جوابدارن جي حوالگي جي ٺاهه لاءِ سوچيون پيا، نواز شريف واپس اچي باقي زندگي جي حفاظت جي گارنٽي ته الله ڏيندو، هو ٻڌائي فوج، ڪوسٽ گارڊ، ايف سي ڪنهن جي سيڪيورٽي کپيس اسان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته بجيٽ اڪثريت سان پاس ٿيندي، فوج ۽ حڪومت هڪ ئي لائن اينڊ لينٿ تي آهن، عمران کي ڪمزور سمجهڻ وارا غلط آهن. هن چيو ته شهباز منهنجي پارٽي جو ماڻهو آهي، اندران اسين گڏ آهيون پر ڌار پارٽين ۾ آهيون، مريم نواز نااهل آهي اسيمبلي ۾ اچي نه ٿي سگهي، هن چيو ته عمران مهانگائي تي ڪنٽرول ڪندو، 30 ڊسمبر تي اسان کي آخري سلام ڪندڙن کي عوام آخري سلام ڏنو، هن چيو ته حساس ادارن کي سوشل ميڊيا تي گاريون ڏيندا ته توهان جو مستقبل ڪهڙو هوندو اهو واضح ٿي وڃڻ گهرجي. هن چيو ته نواز شريف عمران لاءِ خطرو پيدا نه ڪندو، ٻاهريون طاقتون ملڪ کي اندران ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون، ووٽر احتساب جي حق ۾ هي سمجهي ٿو ته عمران ڪوشش ڪري پيو پر عدالتن تي وس نه آهي ان جا فيصلا قبول ڪرڻا پون ٿا. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿيندي ۽ تحريڪ انصاف چونڊ کٽيندي، ملڪ ۾ هڪ ئي قومي پارٽي پي ٽي آءِ ۽ هڪ ئي قومي ادارو فوج آهي ۽ اهي هڪ ئي پيج تي آهن. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته فيصلو تحريڪ انصاف جي موقف جي فتح آهي، ثابت ٿي ويو ته نواز شريف دوکو ڏئي ملڪ مان ويو هو. پارلياماني صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته شهباز شريف عدالت ۾ پنهنجي حلف نامي تان ڦري ويو، کيس استعيفا ڏيڻ گهرجي ها. هاڻ نواز شريف واپس اچڻ کانسواءِ سپريم ڪورٽ ۾ به اپيل داخل ڪري نه سگهندو.