اسلام آباد (م ڊ) ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف جون سزا خلاف ٻئي اپيلون رد ٿي ويون، احتساب عدالت مان اڳوڻي وزيراعظم کي ٻڌايل سزائون برقرار رکيون ويون، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن نقوي اپيلن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي نواز شريف جي غير موجودگي ۾ سزا خلاف اپيلون ٻڌڻ جي قانوني نقطي تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. ڪلهه عدالت 9 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلو جاري ڪيو. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته نواز شريف کي فيئر ٽرائل ۽ استغاثا جي شاهدن تي جرح ڪرڻ جو مڪمل موقعو مليو هو، قانون مطابق ٽرائل ڪرڻ کانپوءِ کيس سزا ٻڌائي وئي، نواز شريف علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ ضمانت حاصل ڪئي پر هو پرڏيهه کان واپس نه آيو آهي، هن عدالت ۾ اپيلن تي ٻڌڻي دوران بغير ڪنهن جواز ۽ سبب ٻڌائڻ جي غير حاضر رهيو، جنهن تي کيس قانون مطابق اشتهاري قرار ڏنو ويو، نواز شريف قانون مطابق ٻڌڻي وارو حق وڃائي چڪو آهي، ان ڪري سندس اپيلون رد ڪيون وڃن ٿيون، عدالت وٽ اپيلون رد ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه رستو نه آهي، عدالت فيصلي ۾ چيو ته نوازشريف عدالت سامهون پاڻ کي سريندڙ ڪري يا اختياريون ان کي حراست ۾ وٺن ته پوءِ ٻيهر اپيل ڪري سگهي ٿو. عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني جي ٻڌل هاءِ ڪورٽ جو ڊويزن بينچ 6 جولاءِ تي اپيلن تي ٻڌڻي ڪندو، مريم نواز جو وڪيل ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيل تي دليل ڏيندو. واضح رهي ته نواز شريف کي جولاءِ 2018ع ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ 10 سال، جڏهن ته ڊسمبر 2018ع ۾ العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سالن جي قيد ملي هئي.