ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري جو پٺاڻ بابت غيرمناسب بيان، سندس پارٽي اسيمبلي ميمبر هشام انعام الله ڪاوڙجي پيو، معافي وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبر هشام الله چيو ته فواد چوڌري پٺاڻن بابت اهڙي سوچ رکي ٿو، هي ڪيئن پي ٽي آءِ جو حصو بڻيو، پاڪستان کي پٺاڻن، پنجابين، سنڌين ۽ بلوچن سڀني گڏجي ٺاهيو، فواد چوڌري پٺاڻن کان معافي وٺي، ٻئي طرف عوامي نيشنل پارٽي جي زاهد خان چيو ته فواد چوڌري کي نه پنهنجي ۽ نه ٻين جي عزت جو خيال آهي، کيس پشتونن کان معافي وٺڻ گهرجي.