ٽنڊو مستي ( ن پ ا) ٽنڊو مستي ڦاٽڪ اسٽاپ ڀرسان ڳوٺ حاجي احمد ڪاٺيو جي معزز شخصيت پ پ اڳواڻ بدرالدين ڪاٺيو جو فرزند ، اڳوڻي يوسي ناظم نذير احمد ڪاٺيو جو ڀائيٽيو فنانس کاتي سکر ۾ آڊيٽر 35 ورهين جو نوجوان نصرالله ڪاٺيو کي خيرپور شھر واري گھر ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان ڪرنٽ لڳو، جنھن کي سول اسپتال خيرپور نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنھن بعد ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنھن کي سندس وارث اباڻي ڳوٺ حاجي احمد ڪاٺيو کڻائي آيا ، جڏھن ته لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.