سئي گئس (ن پ ا)سئي گئس ۾ پوليس چوڪي انچارج الله بخش خاصخيلي ۽ اهلڪارن مٺائي جي دڪان تي کير گرم ڪندڙ پورهيت نديم اختر پٽ نظير احمد آرائين مٿان تشدد ڪري کيس ڪار ۾ کنيو ته شهرين کيس ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته چوڪي انچارج کين ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو ڌمڪيون ڏنيون. پوليس جي اهڙي زيادتين خلاف شهري اتحاد ۽ دڪاندارن پاران شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي شهر جي مک چوڪ مهراڻ هاءِ وي تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ٺري ميرواهه جي پوليس ڳالهين لاءِ پهتي پر مظاهرين پورهيت کي آزاد ڪرڻ جو شرط رکيو، سئي گيس پوليس پورهيت کي بعد ۾ ڇڏي ڏنو، اڳواڻن چوڪي انچارج کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو.