فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد سميت ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ فريدآباد واٽر سپلاءِ اسڪيم مُڪمل نه ٿيڻ خلاف رهواسين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ميهر ڏيرو، سڪندر بروھي، پير محمد ڏيرو، شبير ڪرٽيو ۽ ٻين 87  ڏينهن به احتجاج جاري رکيو. هنن دانھيون ته ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ برقرار آهي ۽ اسين رهواسي سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر اسان جو احتجاج چونڊيل نمائندن سميت اعلي’ اختيارن کي نظر ئي نٿو اچي هنن چيو ته فريدآباد واٽر سپلاءِ اسڪيم کي 3 سال گُذري ويا آهن پر هينئر تائين اسڪيم مُڪمل نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب اسين سخت تڪليفن کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته خدارا فريدآباد واٽر سپلاءِ اسڪيم کي مُڪمل ڪري اسان ڪاڇي واسين کي پيئڻ جو پاڻيءَ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.