فريدآباد (رپورٽ: اقرار چانڊيو) فريد آباد جي خان فيڊر تي 80 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي 10 مھينن کان بند پيل آهي، نامعلوم چور 20 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي ٿنڀن جون 11 ھزار تارون انسوليٽر ۽ ڪراس چوري ڪري ويا جڏهن ته ،گذريل رات ديرسان آيل تيز طوفان وڌيڪ 7 پول ڪيرائي ڇڏيا. 11 ھزار تارون پٽ تي پيل آهن. ان ڏس ۾ خان فيڊر جي ڳوٺن سيدپور، قائم جتوئي، چولي ڏيپر، وڏي بيتل، ڳاڙهي، ڪرٽيا، ڪمانگر، خان جو ڳوٺ، کھڙا وليج، سميت 80 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي 10 مھينن کان سيپڪو ميھڙ جي اختيارن پاران رھتون ڄاڻائي بند ڪئي وئي آهي، بجلي لائن مان نامعلوم چور ڳوٺ خاطر خان چانڊيو، قاسم لاشاري، لشڪرخان لاشاري ،آڍوخان لاشاري،ڪڙيو سبڙخان، عبدالله چانڊيو، پير صالح شاهه سميت 20 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي ٿنڀن جون تارون انسوليٽر ۽ ڪراس چوري ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته گذريل رات ديرسان آيل تيز طوفان 7 کان وڌيڪ پول ڪيرائي ڇڏيا آهن ۽ 11 ھزار تارون پٽ تي پيل آھن. ٻئي طرف طوفان سبب فريدآباد فيڊر به ڪالھ رات کان بند پيل آهي. ھوڏانھن 20 کان وڌيڪ ڳوٺن جون تارون لھڻ ۽ چوري واقعي خلاف سيپڪو اختيارين ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي. ٻئي طرف خان فيڊر جي صارفين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڊاڪٽر برڪت جتوئي، مظھر سولنگي، فدا حسين چانڊيو،سڄڻ چنو ۽ ٻين چيو ته سيپڪو اختيارين بنا جواز ڪيترن ئي مھينن کان خان فيڊر جي سوين ڳوٺن جي بجلي بند ڪئي آهي ھنن چيو ته سيپڪو عملدار ڳوٺن مان لھندڙ تارون، انسوليٽر۽ ڪراس چوري ۾ ملوث آهن ھنن وڌيڪ چيو ته سيپڪو ميھڙ جي ذميوار انجنيئر،ايس ڊي او، لائن سپريڊنٽ، لائن مين خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو.