ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڊينئل ميدوديو ۽ اسٽيفنس اسٽس پاس ۽ سرينا وليمز پنهنجون ميچز کٽي فرنچ اوپن جي چوٿين مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. فرانس ۾ جاري ايونٽ جي وومينز مقابلن ۾ امريڪي رانديگرياڻي سرينا وليمز هم وطن ڊينيلي ڪولن کي شڪست ڏئي چوٿين مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. مينز ايونٽ ۾ روس جي ڊينئل ميدوديو ٽين مرحلي ۾ بهترين راند پيش ڪئي ۽ پنهنجني مخالف ريلي اوپلڪا کي آساني سان شڪست ڏئي پري ڪواٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.