گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ ڪولاچي ڪنگز ڪرڪيٽ ميچ ۾اسامه ڪنگز کي شڪست ڏئي ڇڏي. اُسامه ڪنگز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 5 اوورن ۾ 58 رنز ٺاهيون، جواب ۾ ڪولاچي ڪنگز 4 ڏهائي 4 اوورن ۾ گهربل ٽارگيٽ پورو ڪري ميچ کٽي ورتي. بهترين بيٽنگ تي عبدالله ڪولاچي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.