گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ۾ شھيد سرتاجَ کٽياڻ عرف پٺُو جي ياد ۾ ڪرايل والي بال مئچ ۾ خيرپور، لاڙڪاڻو، قمبر، دادو ۽ ٻين ضلعن کان رانديگرن حصو ورتو ۽ شوقينن توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رانديگرن چيو ته سرتاج سنڌ جو ناليوارو والي بال جو رانديگر هو جنهن جي ياد ۾ هي مئچ ڪرائي آهي، حڪومت ڪا به مالڪي نٿي ڪري جنهن سبب اسان چندو ڪري پنهنجو پاڻ رانديون ڪرايون ٿا.