فرنچ اوپن جو ٽائٽل چيڪ ريپبلڪ جي باربوره جي نانءُ

0
269

پيرس (اسپورٽس نيوز) فرنچ اوپن ۾ چيڪ ري بليڪ جي باربوره ڪريجيڪوا روس جي انسيٽيسا کي شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نانءُ ڪري ورتو آهي. فرانس ۾ جاري ايونٽ جي فائنل ۾ چيڪ ري بليڪ جي باربوره جو مقابلو روس جي انيسٽيسا سان ٿيو، شروع کان ئي بار بوره بهترين راند پيش ڪئي ۽ پهريون سيٽ ڇهه هڪ تان کٽي ورتو، جنهن بعد انيسٽيا ميچ تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪئي ۽ ٻئي سيٽ ۾ ڇهه 2 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. راند جو ٽيون ۽ فيصلائتو سيٽ باربوره ڇهه چار تان کٽي ٽائٽل پنهنجي نانءُ ڪري ورتي، باربوره چيڪ ري پبلڪ جي پهرين رانديگرياڻي آهي، جنهن فرنچ اوپن کٽي اهو ٽائٽل کٽيو آهي.