جهول ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ حر اليون کٽي ورتو

0
261

جھول (رپورٽ: ممتاز شر) جهول لڳ گڙنگ بنگلو تي ستين پير پاڳاري ڇٽ ڌڻي جي ياد ۾  ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کيڏيو ويو، جنهن جو فائنل حر اسٽار جي ٽيم کٽي ورتو. ان ڏس ۾ تاريخي ماڳ گڙنگ بنگلو ۾ ايونٽ کيڏيو ويو جنهن ۾ سانگهڙ جي 10 ٽيمن حصو ورتو،  10-10 اوورن تي ٻڌل ميچز ۾ ڪرشنا اليون ۽ حر اسٽار اليون فائنل ۾ پھتيون. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن ۾ حر اسٽار اليو 11 رنز تان ڪرشنا اليون کي شڪست ڏئي ڇڏي. فقير  عبدالوحيد مھر ونر ۽ رنر ٽيمن جي ڪپتانن کي ٽرافيون  ۽ روڪ انعام  ڏيڻ سان گڏ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ حر اسٽار گڙنگ بنگلو جي رانديگرن امجد علي منڱريو، فاروق راجپوت،  عبدالله مھر ، بشير علي مھر ، الھجڙيو فقير مھر ۽ ٻين  کي انعام ڏنا.