انگلينڊ کي ٻي ٽيسٽ ۾ شڪست: نيوزيلينڊ سيريز کٽي ورتي

0
406

برمنگهم (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ انگلينڊ کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي، سيريز به پنهنجي نانءُ ڪري ورتي، 2 ميچز جي سيريز ۾ جي پهرين ميچ ڊرا ٿي وئي هئي، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پنهنجي ڪپتان ڪين وليمسن کانسواءِ ميدان ۾ لٿي هئي. برمنگهم ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ انگلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ميچ جي پهرين اننگز ۾ انگلينڊ 308 رنز اسڪور ڪيو، جواب ۾ ڪيوي ٽيم 388 جو مجموعي اسڪور بورڊ تي سجايو. ٻي انگنز ۾ انگلينڊ جي ٽيم نيوزلينيڊ جي بالرز جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ سموري ٽيم 122 رنز تي ڍير ٿي وئي. نيوزيلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 38 رنز جو هدف مليو، جيڪو اُن 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. اهڙي ڪاميابي سان ئي نيوزيلينڊ ٻن ميچز جي سيريز 0-1 تان پنهنجي نانءُ ڪري ورتي، بهترين بالنگ پرفارمنس تي نيوزيلينڊ جي ميٽ هينري کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.