غير معمولي حالتون ۽ گرينڊ ڊائيلاگ جي ضرورت!

0
165
غير معمولي حالتون ۽ گرينڊ ڊائيلاگ جي ضرورت!

 موجوده سياسي صورتحال ان سوال کي هڪ ڀيرو ٻيهر تازو ڪري ڇڏيو آهي ته آخر ڪيستائين هن ملڪ ۾ سويلين بالادستي فقط هڪ خواب بڻيل رهندي؟ ڪيستائين آئين ۽ قانون جو حقيقي احترام فرض نه سمجهيو ويندو؟ ڪيستائين سياستدان فوج جي مدد سان اقتدار ۾ ايندا رهندا ۽ آخر ڪيستائين فوج سان جهيڙو فقط اقتدار ۾ واپس اچڻ لاءِ ڪيو ويندو؟ هي ملڪ ٺهندي ئي شروعاتي سالن ۾ سرحدي محافظن، سياستدانن، بيوروڪريٽس ۽ ججن جي ڪمزورين کي تاڙي ورتو هو. جڏهن سندن انهن ڪمزورين کي هنن پنهنجي طاقت جي حصول لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ته منجهن اقتدار جي اڻ کٽ هوس پيدا ٿي ۽ پوءِ هي ملڪ ڪڏهن به پنهنجي پيرن تي بيهڻ جهڙو نه رهيو. انهن ڏينهن ۾ اقتداري غلام گردشن جون ڪهاڻيون يا ته ڪنهن بيوروڪريٽ جي سوانح حيات يا وري يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ۾ ملنديون هيون، اڪثر ڪري مختلف واقعن جا اکين ڏٺا شاهد انهن جا تفصيل بند ڪمرن ۾ ويجهن ماڻهن سان شيئر ڪندا هئا، جيڪي ڪڏهن به عوامي سطح تي نه اچي سگهيا ۽ ڪيترائي راز، راز رهجي ويا. پر هي دور مختلف آهي. هن ڊجيٽل ايج ۾ هاڻ ماڻهن کي ڪنهن جي سوانح حيات جو انتظار ڪرڻ جي ضرورت ناهي، انفرميشن ايترو تيزي سان منظرعام تي اچي ٿي، جو هڪ عام سياسي فرد به آساني سان تجزيو ڪري سگهي ٿو.

هن ملڪ جي 75 ورهين جي تاريخ سڌي يا اڻ سڌي ريت مارشلائن جي تاريخ ئي آهي. ملٽري اسٽيبلشمينٽ سياستدانن ۽ ادارن کي پنهنجي طاقت جي تابع رکندي آئي آهي. جنهن به ان طاقت کي چيلينج ڪيو آهي ته ان جو حشر نشر ڪيو ويو. چونڊيل وزيراعظمن کي ڦاهي تي چاڙهڻ، کين عهدن تان برطرف ڪرڻ، جلاوطن ڪرڻ ۽ جيل ۾ وجهڻ جا واقعا اڄ به دهرائجن پيا. ستم ظريفي اها آهي ته اقتدار جي هوس سياستدانن کي ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ خلاف متحد ٿيڻ ناهي ڏنو. هڪڙن مزاحمت ڪئي ته ٻين اسٽيبلشمينٽ جو ساٿاري ٿي سهولتڪاري ڪئي. ايئن ئي ادارن جو ڪردار به رهيو آهي. سياستدانن توڙي ملڪي ادارن جي اعليٰ عهدن تي ويٺل سربراهن کي کلي ڇوٽ مليل رهي ته اهي جيئن وڻين تيئن ڪن، ان دوران سندن فائيل ٺهندا رهيا، خفيه رڪاڊنگس ٿينديون رهيون، جيڪي ان وقت استعمال ۾ آنديون ويون جڏهن ڪنهن انحرافي جي ڪوشش ڪئي. اڄڪلهه جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان ئي طاقت جي مائنڊسيٽ جو تسلسل آهي. پ پ، نواز ليگ، پي ٽي آءِ ۽ هاڻ پي ڊي ايم اسٽيبلشمينٽ جي مفادن لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

هن وقت هي ملڪ انتهائي غير معمولي حالتن ۾ ڦاٿل آهي، جيتوڻيڪ ملڪي تاريخ ۾ اڳ به بي شمار واقعا ٿيا آهن پر هن ڀيري ڄڻ هر واقعو غير معمولي آهي. مثال ٻن صوبن جون اسيمبليون ٽٽل ۽ نگران حڪومتون قائم آهن پر انهن جو مدو پورو ٿي چڪو آهي، ان هوندي به اهي موجود آهن. آئيني طور تي انهن صوبن ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿيڻ گهرجن ها، پر 90 ته ٺهيو 100 ڏينهن گذرڻ باوجود نه ٿي سگهيون آهن. سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته 14 مئي تائين پنجاب ۾ هر صورت ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي، اجهو اڄ 14 مئي آهي ۽ اليڪشن جو نالو نشان ناهي ۽ نه ئي ايندڙ ڏينهن ۾ چونڊن جو امڪان آهي.

پي ٽي آءِ جي چيئرمين کي جنهن طريقي سان گرفتار ڪيو ويو، اهو به غير معمولي هو ته ان جي موٽ ۾ جيڪو رد عمل سامهون آيو سو به غير معمولي هو. اهو به پهريون دفعو ٿيو جو لاهور جي ڪور ڪمانڊر جي گهر سميت جي ايڇ ڪيو ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، فوجي يادگارن تي حملا ڪيا ويا، باهيون ڏنيون ويون. اهو به پهريون دفعو ڏسڻ ۾ آيو جو گلگت بلتستان جي وڏي وزير کي سندس ئي پوليس گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو. اهو به غير معمولي واقعو هو جو سپريم ڪورٽ جي اعليٰ ترين جج هڪ ملزم کي ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ هن کي نيڪ تمنائون آڇيون. اهو به غير معمولي آهي جو عدالتون ڪنهن ملزم تي ايترو مهربان آهن جو جيڪي ڪيس مٿس اڃان داخل ئي نه ٿيا آهن، انهن ۾ به کيس رليف ڏنو ويو آهي. اهو به غير معمولي ٿيڻ وڃي رهيو آهي ته عدليه خلاف حڪومت جون اتحادي جماعتون ريڊزون ۾ ڌرڻو هڻڻ وڃي رهيون آهن. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن هي ملڪ معاشي ڏيوالپڻي جي آخري حدن تي پهتل آهي، اتي بجاءِ ان ڳالهه جي جو ملڪ ۾ سياسي استحڪام هجي، هر ڌر عدم استحڪام لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

اقتدار جي حصول لاءِ هن ملڪ جي سياسي قيادتن تمام گهڻا ڪمپرومائيز ڪيا، اسٽيبلشمينٽ کي موقعو ملندو رهيو ته هر ڀيري هن ملڪ سان تجربا ڪري، هنن اهڙي نااهل ۽ ڪرپٽ قيادت ملڪ مٿان مڙهي، جن جي وسيلي هو پردي پويان رهي آرام سان حڪومت ڪري سگهن. ڪنهن کي اها جرئت نه ٿي جو هو سوال اٿاري سگهي، پنهنجي legitimacy  کي يقيني بڻائي سگهي. جنهن به حقيقي معنيٰ ۾ بااختيار وزيراعظم ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي،

تنهن کي ذوالفقار ڀٽي کان ويندي محمد خان جوڻيجي ۽ نواز شريف تائين عبرت جو نشان بڻايو ويو. هن ملڪ کي فلاحي رياست بدران سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻايو ويو. ويڙهاڪ  ۽ جهادي تنظيمون گهڙيون ويون، پراين جنگين ۾ پراڪسي جو ڪردار ڪيو ويو. غداري ۽ محب وطن جون پنهنجي مفادن آڌار تشريحون ڪري هن ملڪ جي مخلص ماڻهن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي. قانون ۽ آئين کان مٿانهان قدم کڻندي ملڪ جي شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. قوميت ۽ بنيادي حقن جو سوال اٿارڻ وارن کي غدار قرار ڏنو ويو. چونڊن ۾ ڌانڌلين کان ويندي جوڙتوڙ ۽ بليڪ ميلنگ تائين هر حربو استعمال ڪندي هڪ ادارو فقط پنهنجي مفادن مٿان ملڪ جي جمهوري آئيني قدرن کي قربان ڪندو رهيو، آئين معطل ڪندي مارشلائون لڳائي به اهو چوندو رهيو ته ملڪ جي وسيع تر مفادن ۾ اهو ڪم ڪرڻو پيو ۽ سياسي قيادت اهو سڀ ڏسندي به اقتدار خاطر ماٺ رهي.

هن وقت صورتحال اها آهي ته جيڪو عمراني پراجيڪٽ اسٽيبلشمينٽ ان نيت سان آندو هو ته ان جي پويان رهي اقتدار تي گرفت به مضبوط ڪبي ۽ سويلين سيٽ اپ سامهون رکي سمورا معاملا پاڻ هلائبا، اهو کين ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. هاڻ مسئلو ان مان جان ڇڏائڻ جو آهي.

ان ڪم ۾ حڪومت اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏئي رهي آهي ته عدليه پي ٽِي آءِ جو. ان ويڙهه جي نتيجي ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي سو هن ملڪ جو عوام ڀوڳي رهيو آهي، جنهن جو ان سموري معاملي ۾ ڪو ڏوهه ڪونهي. هن حڪمران اشرافيه ملڪ کي هاڻ ان مرحلي تائين پهچائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هر ڌر ٻئي کي ڊس ڪريڊٽ ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي.

ان جو ڏنڊ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي باهه ۾ ٻرندڙ عوام ادا ڪري رهيو آهي. جن هن ملڪ کي ورهين کان لٽيو ڦريو، اهي ئي مهان به آهن ته مسيحا به! سو جيڪڏهن هن ملڪ کي سنئين دڳ لائڻو آهي ته ان جو واحد حل اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ، عدليه، سياستدان گڏجي ويهي گرانڊ ڊائيلاگ ڪن، جنهن کان جيڪي ڏوهه سرزد ٿيا آهن، تن جو قوم آڏو اعتراف ڪيو وڃي. اقتدار کي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو وڃي نه ڪي ذاتي فائدي ۽ مخالفن کان انتقام لاءِ، هر ڪا ڌر آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪري، مذهب توڙي ذاتي ڪاروبار کي سياست کان الڳ رکيو وڃي. جي ايئن نه ٿيو ته پوءِ ايندڙ وقتن ۾ شايد ان کان بدترين صورتحال لاءِ تيار رهڻ گهرجي.