عمران خان جي حمايتي ۽ مخالف اسٽيبلشمينٽ جو ’جهيڙو‘ ڪٿي دنگ ڪندو؟

0
226
عمران خان جي حمايتي ۽ مخالف اسٽيبلشمينٽ جو ’جهيڙو‘ ڪٿي دنگ ڪندو؟

  اڳوڻو وزيراعظم عمران خان تقريبن 48 ڪلاڪ نيب جي ”نگرانيءَ“ ۾ گُذاري، هڪ دفعو ٻيهر لاهور ۾ پنهنجي گهر زمان پارڪ پهچي چڪو آهي. پر هن جيڪي 48 ڪلاڪ نيب جي ”نگراني“ ۾ گذاريا،  انهن 48 ڪلاڪن ۾ پورو ملڪ ٻري اُٿيو. هر طرف باهيون، مظاهرا، روڊ رستا ڇا ملڪ جا سڀ کان وڏا شهر ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا سميت ٻيا ننڍا وڏا شهر پڻ بند ٿي ويا. ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر پروازون معطل ٿي ويون، ايئرپورٽ ويران ٿي ويا. چار ڏينهن انٽرنيٽ جي بند ٿيڻ سان ٽوئيٽر ۽ سوشل ميڊيا جا ٻيا سڀ ذريعا پڻ بند ٿي ويا. سوين هزارين سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن، جاين ۽ جڳهين کي ڊاهي پٽ ڪيو، ڪيترين گاڏين کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو. تحريڪ انصاف جا سوين ڪارڪن زخمي ٿيا ۽ ڪيترا گرفتار ٿيا، بقول عمران خان جي ته سندس پارٽي جي 40 ڪارڪنن کي قتل ڪيو ويو. جي ايڇ ڪيو راولپنڊي، ڪورڪمانڊر لاهور جو گهر، پشاور ۽ ڪوئيٽا ڪنٽونمينٽ تي حملا ڪيا ويا. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ فوج کي طلب ڪيو ويو. سنڌ ۾ 144 لاڳو ڪيو ويو. گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، پر في الحال ان کي وزيراعظم رد ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر ان سڄي معاملي تي صبر ۽ برداشت جي مظاهري ڪرڻ واري پريس رليز جاري ڪئي ۽ جڏهن ته ٻئي پاسي اهي چئوٻول پڻ گردش ڪري رهيا هئا ته عسڪري اداري اندر ڪيترن آفيسرن ۽ جوانن عوام جي پاسي بيهڻ جو اعلان ڪيو، تنهن تي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل احمد شريف چوڌري کي ميڊيا ۾ اچي چوڻو پئجي ويو ته، ”فوج آرمي چيف جي قيادت ۾ متحد ۽ ڪنهن به استعيفا ناهي ڏني ۽ مارشل لا لاڳو ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.“ پوري ملڪ ۾ ٻه ڏينهن اهڙي صورتحال رهي. 9 مئي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عمران خان جي گرفتاري کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو هو. عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پوري ملڪ ۾ هنگاما شروع ٿي ويا. 9 ۽ 10 مئي به ان صورتحال ۾ گذري وئي. سڄي ملڪ ۾ جهڙوڪر اڻ اعلانيل ڪرفيو لاڳو ٿي ويو هو. نيٺ 11 مئي تي سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ پاران درخواست داخل ڪئي وئي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال ٽي رڪني بئنچ جوڙي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ عمران خان کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عمران خان کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. چيف جسٽس صاحب عمران خان کي ڏسي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ پوليس لائنز اسلام آباد ۾ هڪ رات مهمان طور رهائڻ جو بندوبست ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي سومر تائين هن کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪورٽ اندر سيڪيورٽي جا مختلف سبب ٻڌائي عمران خان کي پنج ڇهه ڪلاڪ انتظار ڪرايو ويو ۽ آخرڪار رات جو ڏهين وڳي عمران خان کي لاهور وڃڻ ڏنو ويو. سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي حڪومت، پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته، عدليا قانون کان مٿانهان فيصلا پئي ڪري، تنهن ڪري سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن جي پيپلز پارٽي پڻ حمايت ڪئي آهي. عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رياست جي سڀ کان وڏي اداري جي سربراهه تي سنگين الزام لڳايا ۽ چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، ان جي پويان اهو آهي.

عمران خان جي گرفتاري تي جيڪو ملڪ گير ردعمل آيو آهي، تنهن جو مثال پاڪستان جي گذريل 75 سالن جي تاريخ ۾ نٿو ملي. ملڪ جي پاپولر اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي عدالتي قتل تي به ڪو خاص ردعمل نه آيو هو. بينظير صاحبه جي قتل وقت به اهڙو ردعمل نه آيو هو. 12 آڪٽوبر 1999ع تي نواز شريف کي وزارت اعظميٰ تان لاهي جنرل مشرف ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي هئي، تڏهن به نواز ليگ طرفان ڪو خاص ردعمل نه آيو. نواز شريف، بينظير، آصف زرداري، مريم نواز ۽ ملڪ جي ٻين ڪيترن مقبول سياسي ليڊرن جي گرفتاري تي پڻ اهڙي قسم جو ردعمل نه آيو، جهڙو ردعمل عمران خان جي گرفتاري تي آيو. پر هتي اها ڳالهه ضرور ياد رکڻ گهرجي انهن سڀني پنهنجي پوري سگهه ۽ قوت تحت مزاحمت ڪئي. پيپلز پارٽي عوامي تحريڪ سان گڏجي سنڌ ۾ شاندار ايم آر ڊي تحريڪ هلائي، جنهن ۾ اٺ سئو کان وڌيڪ سنڌي ماڻهو شهيد ڪيا ويا ۽ هزارين لکين سياسي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. نواز شريف جي پارٽي پڻ 12 آڪٽوبر 1999ع تي مزاحمت ڪئي. 27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير صاحبه جي قتل وقت به خاص طور تي سنڌي عوام ٽي ڏينهن سخت قسم جو ردعمل ڏنو ۽ ائين 28 جولاءِ 2017ع کان 2022ع تائين نواز ليگ نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پورا پنج سال سخت مزاحمت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسٽيبلشمينٽ کي نواز شريف سان ٺاهه ڪرڻو پئجي ويو. هاڻي عمران خان ۽ سندس پارٽي آڏو اها سڄي تاريخ موجود هئي ۽ ظاهر آهي انهن سڀني جدوجهدن جو جائزو پڻ ورتو هوندو ۽ ان ڳالهه ۾ به شڪ ناهي ته عمران خان کي ايڏي وڏي سطح تائين پهچائڻ ۾ اسان جي رياستي اداري پڻ پنهنجي وسان نه گهٽايو. اڳوڻو آرمي چيف جنرل باجوه ويجهڙ ۾ ڏنل پنهنجن ٻن ٽن انٽرويوز ۾ اهو اعتراف ڪري چڪو آهي ته اسان نواز شريف جي مقابلي ۾ عمران خان کي تيار ڪيو ۽ ان لاءِ سڀ بندوبست ڪيا. عمران خان کي هٽائڻ کانپوءِ ملٽري هاءِ ڪمانڊ ۾ هڪ ئي وقت 12 نوان ليفٽيننٽ جنرل کنيا ويا، جنهن جو مثال ملڪي تاريخ ۾ اڳ نٿو ملي. اوڀر پاڪستان جي علحدگي کانپوءِ ڀٽي صاحب جيڪي 18 جنرل برطرف ڪيا هئا، انهن ۾ گهڻا ميجر جنرل هئا ۽ ڪي ٻه چار ليفٽيننٽ جنرل هئا. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته خود عسڪري اداري ۾ عمران خان جي لاءِ ڪيتري حمايت موجود هئي يا اڃا به آهي، جنهن جي ترديد گذريل ڏينهن ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ پڻ ڪئي آهي.

هڪڙي پاسي عمران خان، سندس پارٽي (خاص طور تي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾)، لکين ڪارڪن، اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين ادارن ۾ ويٺل حمايتي آهن ته وري ٻئي پاسي عمران خان مخالف اسٽيبلشمينٽ، پي ڊي ايم جي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي آهي. عمران خان مخالف اسٽيبلشمينٽ، پي ڊي ايم جي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي وڏيون ڪوششون ڪيون ته عمران خان گرفتار ٿئي، نيٺ هڪ سال جي ڪوششن رنگ لاٿو ۽ عمران خان گرفتار ٿيو. پر 48 ڪلاڪن جي اندر عمران خان پنهنجي ڪارڪنن ۽ اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين ادارن ۾ ويٺل پنهنجن حمايتين جي ڪوششن سان آزاد ٿي ويو آهي. جمعي جي ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ويهي هن رياستي اداري جي سربراهه تي سخت الزام پڻ لڳايا. جنهن طريقي سان عمران خان رياستي اداري جي سربراهه تي الزام لڳايا آهن، اداري کي ان تي ضرور ”بي چيني“ هوندي ۽ اها ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ظاهر ٿيندي. ايندڙ ڏينهن ۾ چونڊون پڻ ٿيڻيون آهن ۽ عمران خان جي ٻيهر گرفتاري جا پڻ چٽا امڪان آهن. ڇا عمران خان ان حڪمت عملي سان چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مرضي ۽ حمايت کانسواءِ وري اقتدار ۾ اچي ويندو؟ عمران خان ان حڪمت عملي سان پاڻ کي گرفتاري يا وڏي وقت تائين ڪال ڪوٺڙي ۾ بند ٿيڻ کان بچائي سگهندو؟ ۽ ٻئي پاسي اتحادي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي آڏو مجموعي طور ملڪ جو سخت بحران موجود آهي، ان سان گڏ عمران خان جي اهڙي سخت مزاحمت واري حڪمت عملي، ڇا اسٽيبلشمينٽ ۽ اتحادي حڪومت ان کي ناڪام ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا؟ تنهن ڪري مجموعي صورتحال اهو ٻڌائي رهي آهي ته ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي ”انتها“ تي پهتل آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن، هفتا ۽ مهينا سخت ۽ واضح ”ڇڪتاڻ“ وارا رهندا، جنهن ۾ هر ”شئي“ ۽ ”عمل“ ممڪن ٿيندي نظر اچي پيو، جيڪو ڪنهن به لحاظ کان هن ملڪ، جمهوريت ۽ عوام لاءِ فائدو وارو نه هوندو!