غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجهو مائٽن وٽ عيد گهمڻ آيل رستم واسي نوجوان احسان پنهوار کي اڻڄاتل هٿياربند اغوا ڪري ويا، اطلاع تي همراهه جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، رابطو ڪرڻ تي مغوي جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته نوجوان غوثپور ڀرسان ڳوٺ عبدالحق پنهوار ۾ مائٽن ڏانهن عيد گهمڻ ويو، جيڪو ڳوٺ کان شهر طرف موٽرسائيڪل تي اچي رهيو هو ته کيس اڻڄاتل هٿياربندن اغوا ڪري ورتو، اطلاع بعد وارث ۽ پوليس پيرو کڻائڻ لاءِ واقعي واري هنڌ پهتا.