خيبر (م ڊ): خيبر ضلعي جي تيراه وادي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٻه سپاهي شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا ۽ بارود هٿ ڪيو ويو، مقابلي ۾ 4 دهشتگرد زخمي پڻ ٿيا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بهادري سان وڙهندي سپاهي وقاص علي شاهه ۽ سپاهي باسط علي شهيد ٿي ويا.