غلام شاهه موري (ن پ ا) غلام شاھ موري، ٻڍو قمبراڻي، کڏھرو موري سميت ڀرپاسي ننڍن وڏن شھرن ۾ نقلي ۽ غيرمعياري ٻج ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جو وڪرو سرعام جاري، غير معياري ٻج سبب ساريال جو ٻجارو نه ڦٽڻ ڪري واپاري لکين رپين جا قرضي ٿي ويا، نقلي ٻج ڀاڻ ۽ غيرمعياري زرعي دوائن جي انڌي ڪمائي سبب غلام شاهه موري ۽ ڀرپاسي زرعي دوائن جا ڪيترائي دڪان کلي ويا. ان حوالي سان آبادگارن بنده علي راھمون، عبدالخالق چانڊيو، احمد دل، بچو جت، سانوڻ کوسي، ستار ڇلگري۽ ٻين پنهنجي اخبارسان ڳالھائيندي چيو ته غلام شاھ موري، ٻڍوقمبراڻي، کڏھرو موري ۾ نقلي ٻج ڀاڻ ۽ غير معياري دوائن جي وڪري سبب هاري ۽ آبادگار ڪنگال ٿي چڪا آهن. بار بار شڪايتن باوجود لاڳاپيل عملدار معاملي جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن. ھنن ڊائريڪٽر ايگريڪلچر کان مطالبو ڪيو ته نقلي ٻج ڀاڻ ۽ جعلي زرعي دوائن جي وڪري ۾ ملوث دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن کي وڌيڪ قرضي ٿيڻ کان بچايو وڃي.