غزل جي شهنشاهه مهدي حسن کي وڇڙي 9 ورهيه وهامي ويا

0
298

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) غزل جي شهنشاهه مهدي حسن کي وڇڙي 9 ورهيه وهامي ويا، غزلن جي شھنشاھ مھدي حسن کي مداحن کان وڇڙي 9 سال گذري ويا آھن، پر ھُن جا ڳايل گيت ۽ غزل اڄ بھ مقبول آھن، مھدي حسن 18 جولاءِ 1927 تي ڀارتي رياست راجستان جي علائقي لونا ۾ موسيقي سان چاھ رکندڙ گھراڻي ۾ پيدا، ھُن کي ننڍپڻ کان گلوڪاري جو شوق ھو، ھن پنھنجي والد استاد عظيم خان کان موسيقي ۽ گلوڪاري جا سمورا رنگ سکيا، مھدي حسن 25 ھزار کان وڌيڪ فلمي گيت ڳايا ۽ غزل ڳايا، مھدي حسن شديد علالت بعد 13 جون 2012 تي ھي فاني دنيا کي ڇڏي ويو.