وزيرستان ۾ دھشتگردن سان مھاڏو اٽڪائيندي زخمي ٿيل رستم واسي نوجوان زندگي جي جنگ ھارائي ويو

0
454

چڪ (رپورٽر) وزيرستان جي علائقي ۾ دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائندي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيل پاڪ فوج جو جوان رستم شهر واسي 25 سالا ناصر احمد پٽ وزير علي سمون شهيد ٿي ويو، اطلاع ملندي ئي سندس اباڻي شهر رستم ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائنجي وئي، دهشتگردن هٿان گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل رستم واسي نوجوان پشاور جي سي ايم ايڇ اسپتال ۾ علاج دوران زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو، وارثن موجب سندس مڙهه سڀاڻي سندس اباڻي شهر رستم آندو ويندو جتي فوجي اعزاز سان سندس تدفين ڪئي ويندي.